پاڪستانسنڌ

اياز لطيف پليجو غازي ڳوٺ پهچي ويو، متاثرن سان ملاقات، ريلي

ڪراچي: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ پھچي پوليس ۽ بلڊر مافيا جي تشدد جي متاثر ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري کانئن تفصيل ورتا. جنھن کانپوءِ اياز لطيف پليجي سنڌياڻين، ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن سان گڏجي ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ڪراچي مان سنڌي ماڻھن کي لڏائڻ لاءِ تشدد ۽ چڙھايون ڪري رھي آھي، حڪمران چاھين ٿا ته ڪراچي ۾ سنڌي نه ھجن. جيئن ڪشميرين ۽ فلسطينين سان ٿي رھيو آھي، ائين ھي سنڌي ماڻھن سان ڪرڻ چاھين ٿا ڇو ته سنڌ ۽ بلوچستان وٽ سمنڊ آھي، انڪري سنڌين ۽ بلوچن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، سنڌ وٽ سمنڊ کانسواءِ پئٽرول، گئس، ماربل، ڪوئلو ۽ ٻي قدرتي دولت آھي، ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين سامونڊي پٽي آھي، گھري پاڻي جي بندرگاهھ آھي، انڪري ھي نٿا چاھين تہ ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھو ھجن. سپريم ڪورٽ ڪراچي مان لکين افغانين، بنگالين، بھارين ۽ ٻين پرڏيهين کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ حڪم ڏنو پر ان تي پيپلز پارٽي عمل ڪرڻ لا تيار ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سھراب ڳوٺ ۽ الڪرم وٽ جن سنڌي ماڻھن کي گاڏين مان لاھي تذليل ڪئي ۽ نقصان ڪيو انھن خلاف دھشتگردي جا ڪيس داخل نہ ٿيا پر احتجاج ڪرڻ تي سنڌي ماڻھن تي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ افغانين جي ڪچي آبادين کي پڪو ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي بل پاس ڪيو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ تازو ٻن ٽن سالن کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪچيون آباديون ٺھيون آهن افغانستان جي صورتحال کان پوءِ ٺھيون آهن انهن لاءِ ڪچي آبادين جو بل اسيمبلي ۾ آندو ويو آهي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي وطن ۽ زمين جا مالڪ آهن جن جي ڪراچي تخت گاھه آهي انھن سنڌين کي لٺيون ھڻي سنڌي نياڻين مٿان فائرنگ ڪري کين سخت زخمي ڪري گهر ڊاٺا پيا وڃن. غازي ڳوٺ جا رھواسي ھندستان، افغانستان، بنگلاديش کان ناھن آيا، اھي سنڌ ڄاوا آھن، ھن ڌرتي جا وارث آھن، سنڌي ماڻھن کي ڪراچي مان ڪڍڻ جي سازش ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي. قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري تہ غازي ڳوٺ تي چڙھائي ۾ ملوث پوليس ۽ ٻين ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر ڳوٺاڻن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي پوليس اهلڪارن جي معطلي نہ کپي. غازي ڳوٺ جي رھواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button