پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي پيادل مارچ، ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان : سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ٽنڊو محمد خان شهر جي الفتاح چوڪ کان سيرت النبي چوڪ تائين احتجاجي جلوس، پيادل مارچ ڪري ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور آيل پرڏيهين کي ملڪي قانون جي تحت قومي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل، رهائشي سهوليت، ڪاروبار ڪرڻ جو حق واپس ورتو وڃي، سنڌ ۾ آيل پرڏيهين امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ، هٿيارن جي اسمگلنگ، منشيات ۽ سماجي برائين کي عروج تي پهچايو آهي، سنڌ مان غيرقانوني آيل پرڏيهين کي نيڪالي نه ڏني وئي ته سڄي سنڌ حڪمرانن جي خلاف سراپا احتجاج ٿي اسيمبلين جو گهيراءُ ڪندي، سنڌ جي اندر ڌارين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، اعليٰ عدالت ملڪ جي اندر غيرقانوني آيل سمورن پرڏيهين کي نيڪالي جو حڪم ڪيو آهي، جنهن تي پابندي سان عمل ڪيو وڃي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button