پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي لڳ هٿياربندن جو حملو، استاد تي تشدد، گهر کي باهه

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان هٿياربندن استاد تي تشدد ڪري گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب ڊگھڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ديھه اي 164 جي رهواسي استاد مانجهي ميگهواڙ پنهنجي ڀائرن ۽ برادري جي ماڻھن خوشحال ميگهواڙ، مگهن ميگهواڙ، والجي ميگهواڙ، چيتن ميگهواڙ ۽ ٻين سان گڏ ڳوٺ ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته پاڙيسري عبدالجبار، شھباز ۽ زمان عرف جانو پنهنجي چئن ناملعلوم هٿياربند ساٿين سان گڏ گذريل رات دير سان منهنجي گهر تي حملو ڪري داخل ٿي باھه ڏني ۽ منهنجي مٿان تشدد ڪيو، اطلاع تي پوليس پهتي، پوليس جي موجودگي ۾ جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي واري جا تان هٿ آيل گولين جا خول پوليس حوالي ڪيا. مانجهي ميگهواڙ چيو ته مون ٿاڻي تي جوابدارن کان تحفظ ڏيارڻ جي درخواست ڏني، پر پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جوابدارن جي ڪوشش آهي ته ڳوٺ مان لڏائي پلاٽ تي قبضو ڪري وٺن، ان ڪري تنگ ڪري رها آهن. هن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس مانجهي ميگهواڙ جي فرياد تي شهباز علي جٽ، زمان جٽ، محمد عالم جٽ ۽ چار نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button