پاڪستانسنڌ

چيلهار لڳ پرڻيل جوان عورت مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي

چيلهار: چيلهار ويجهو ڳوٺ ارنرو لاکا ۾ 21 ورهين جي جوان پرڻيل عورت مبينا طور کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ڪانٽيو پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کي کوهه مان ڪڍرائي ڇاڇرو اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب لاش سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو ويو. امينا زال اڪبر مڱريو جي وارثن ٻڌايو ته امينا جو ذهني توازن درست نه هو. ٻئي پاسي ڳوٺ ۾ چوٻول هلي رهيا هئا ته زال مڙس جي گهريلو تڪرار سبب نوجوان ناري صبح سوير مبينا طور کوهه ۾ ٽپو ڏئي انت آندو. ٻئي پاسي ڪانٽيو پوليس موجب نوجوان ناري جو لاش کوهه ۾ پيل هو، اسان پهچي ڪڍرايو، اڃان تائين معاملي صحيح خبر پئجي نه سگهي آهي ته ناري آپگهات ڪيو آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي، اها خبر پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي پئجي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button