پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ ڊي آئي جي بينظيرآباد جون گڏجاڻيون، امن امان جون هدايتون

سانگھڙ: ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد عرفان بلوچ ھڪ ڏينهن جي دوري تي سانگھڙ پھتو، جتي هو ايس ايس پي سانگھڙ ڊاڪٽر فرخ علي لنجار سان گڏجي محرم الحرام ۾ امن امان جي حوالي سان شھر جي امامن بارگاھن، پوليس لائين ھيڊڪوارٽر ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊي آئي جي عرفان بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سانگھڙ شھر جا ماڻهو امن پسند آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوليس ھميشا پنهنجي جانن جو نذرانو ڏئي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي آهي. محرم الحرام ۾ ضلعي اندر سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا، ضلعي اندر 2400 پوليس اھلڪار ڊيوٽيون ڏيندا. ان موقعي تي کيس پوليس دستي سلامي پڻ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button