پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد شھر جي جوتا بازار ۾ مسواڙ جي جا ۾ رھندڙ 25 سالن جي نوجوان سنتوش ڪمار ڪولھي جو پنکي ۾ ڦاهو کاڌل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش لهرائي تعلقي اسپتال پھچايو. سنتوش ڪمار ڪولھي شھر جي اسٽيشن پاڙي جو رھواسي ھو، جيڪو مائٽن کان الڳ شھر جي جوتا بازار ۾ رھندو ھو ۽ دماغي بيماري ۾ پڻ مبتلا ھو، ھن معمولي گھريلو اڻبڻت تان گھر ۾ خودڪشي ڪئي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. ٻئي پاسي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button