پاڪستان

هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿيو عمران خان سرٽيفائيڊ ڪوڙو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي شديد تنقيد ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ آئين جي ڀڃڪڙي، ڪوڙو قسم نامو جمع ڪرائڻ ۽ پرڏيهي رقم قبول ڪرڻ عمران نيازي خلاف چارج شيٽ آهن. شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿيو ته عمران نيازي هڪ سرٽيفائيڊ ڪوڙو آهي، قوم کي پرڏيهين کان فنڊ وٺندڙ شخص جي سياست جي لڪيل رخن تي غور ڪرڻ گھرجي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پابندي مڙهيل فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button