پاڪستانسنڌ

ڍورو نارو ۾ نوجوان دوست کي قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڍورو نارو: ڍورو نارو ۾ ڪچهري دوران 2 دوست اٽڪي پيا، نوجوان پنهنجي دوست کي قتل ڪري پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب ڍورو نارو شهر جي دڙو پاڙي 2 دوست 25 ورهين جو ديپڪ ڪلال ۽ 16 ورهين جو شعيب جئپوري ڪچهري ڪري رھيا ھئا ته معمولي ڳالھه تان ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ديپڪ ڪلال پنهنجي دوست شعيب کي پسٽل جو سيني ۾ فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار ديپڪ ڪلاڪ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. فائرنگ جي آواز تي پاڙيوارن پهچي ٻنهي کي کڻائي رورل هيلٿ سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرن ٻنهي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اطلاع تي وارث ۽ پوليس صحت مرڪز پهچي وئي. رابطو ڪرڻ تي نوجوانن جي وارثن ٻڌايو ته اسان پنهنجي ڪاروبار تي شهر ۾ هئاسين ته اوچتو اطلاع مليو ته اوهان جا ڇوڪرا گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. ديپڪ ۽ شعيب پاڻ ۾ دوست هئا، خبر ناهي ته هنن جو پاڻ ۾ ڪهڙي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button