پاڪستانسنڌ

ٿرڪول مان نيشنل گرڊ کي 990 ميگاواٽ بجلي فراهمي وڏي ڪاميابي آهي:مراد شاهه

مٺي/ اسلام ڪوٽ: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 330 ميگا واٽ حبڪو پاور پلانٽ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ اسان ڪاميابي سان 990 ميگا واٽ ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ کي فراهم ڪري چڪا آهيون، جيڪا نه رڳو وڏي ڪاميابي آهي، پر اها پاڪستان کي توانائي جي سستي ۽ مقامي وسيلن ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو شهيد بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير پڻ آهي. هن اها ڳالهه حبڪو ۽ ٻين ڀاڱي ڀائيوارن جي موجودگي ۾ ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ 330 ميگاواٽ جي ڪوئلي تي هلندڙ پاور پروجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ، ايس اي سي ايم سي، اي پي ٽي ايل، ٽي اي ايل، ٽي اين پي ٽي ايل، سي اي ايم سي ۽ ايڇ بي ايل (پروجيڪٽ پارٽنرز) تقريب ۾ شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته ٿر انرجي لميٽيڊ جي ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پهچائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪري فخر محسوس ٿيو. هن حبڪو ۽ ٻين پارٽنرز ايف ايف سي، سي ايم اي سي ۽ پروجيڪٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته هنن ڪيترن ئي چئلينجز باوجود پروجيڪٽ کي حقيقت بڻايو. اسان جي حڪومت هميشه ٿر کي پاڪستان جي انرجي سيڪيورٽي لاءِ بنيادي حيثيت سمجهيو آهي، اسان شهيد بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ هاڻي سندس ويزن جي تصديق ٿي چڪي آهي، ڇوته ٿر جي ڪوئلي جا اگهه امپورٽ ٿيل لِنگنائيٽ جي ڀيٽ ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا سستا آهن ۽ اربين ڊالرن جي پرڏيهي مٽاسٽا ۾ بچت آهي. سنڌ حڪومت پهرين ٿر ڪول مائننگ ڪمپني ايس اي سي ايم سي ۾ اهم شيئر هولڊر بڻجي وئي آهي ۽ چين جي قرض ڏيندڙن کي به يقين ڏياريو ويو ته مائن جي مالياتي مڪمل ٿيڻ لاءِ گهربل مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٿرڪول جي آءِ پي پيز سان گڏ مائننگ ڪمپنين کي به مسلسل مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ روڊن، پلن ۽ مائي بختاور ايئرپورٽ سميت سمورن ضروري انفراسٽرڪچر جي فراهمي کي به يقيني بڻايو آهي ته جيئن انهن منصوبن تي آساني سان عمل ٿي سگهي. مراد شاهه چيو ته اسان ٿر پاور پراجيڪٽس لاءِ پاڻي جي گهرج کان به واقف آهيون ۽ اسان بجلي جي پيداوار لاءِ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام ڪيا آهن. ٿر جي ترقي جو بنيادي محرڪ مقامي آبادي جي ڀلائي آهي، ٿر جي ڪوئلي جي ترقي سان مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ به مثبت تبديليون آيون آهن، ٿر فائونڊيشن ذريعي مائننگ ۽ پاور جنريشن ڪمپنين کي روزگار، تعليم ۽ طبي سهولتن جي شعبن ۾ بهتري لاءِ ايس سي آر جون سرگرميون ڪيون آهن، اسان ٿر جي ڪوئلي جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ٿر جي ڪوئلي ذيعي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سيمنٽ، ڀاڻ ۽ ٻين صنعتي شعبن جي طلب کي پورو ڪري سگهجي، ٿر جي ڪوئلي جي ماس ٽرانزٽ لاءِ ريل لنڪ جوڙڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ريل لنڪ منصوبي تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، ٿر انرجي لميٽيڊ ٿرڪول تي ٻڌل 330 ميگاواٽ ڪوئلي تي ٻڌل پاور پراجيڪٽ آهي، هي چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جو حصو آهي، هي حبڪو، ايف ايف سي ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جو گڏيل منصوبو آهي ۽ ان کي 520 ملين آمريڪي ڊالر جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button