پاڪستانسنڌ

ايف ايم ريڊيو شروع ڪرڻ منهنجو خواب هو: اسلم عقيلي

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي “ميوٽ ايف ايم” پاران يونيورسٽي جي مختلف شاگردن ۽ شاگردياڻين جي “اونهاري واري انٽرنشپ پروگرام 2022” جي پڄاڻي تقريب اورڪ جي هال ۾ ٿي گذري. پڄاڻي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيليءَ چيو ته يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس ۾ ايف ايم ريڊيو شروع ڪرڻ منهنجو هڪ پراڻو خواب هو جيڪو بعد ۾ عملي طور شروع ٿيو. هن چيو ته ڀر واري يونيورسٽيءَ ۾ سڀ کان پهرين ايف ايم ريڊيو شروع ٿيو پر وڏي لاڳت سان شروع ٿيو پر اسان بنهه گهٽ لاڳت سان ايف ايم ريڊيو ٽيليڪام شعبي جي مدد سان شروع ڪيو. هن چيو ته هي انٽرنشپ پروگرام شاگردن کي ريڊيو ٽيڪنالوجي سان متعارف ڪرڻ ۽ ڄاڻ ۾ ڏيڻ ۾ ئي مددگار نه ٿيندو پر گڏوگڏ اجنيئرنگ جي شاگردن جي سافٽ اسڪلز (رابطيڪاري وارين صلاحيتن) کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. ٽيليڪام شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته “ميوٽ ايف ايم ريڊيو” شروع ڪرڻ جو پروگرام پراڻو هو پر هاڻ اهو ڪئمپس جي سرگرمين بابت اسان کي ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ شاگردن جي نصابي سرگرمين متعلق پڻ باخبر رکي ٿو. ياد رهي ته انٽرنشپ پروگرام لاءِ 120 شاگردن ۽ شاگردياڻين اپلاءِ ڪيو جن مان 70 چونڊيا ويا جن ۾ تربيتي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. تقريب ۾ ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر شاهنواز ٽالپر، سافٽ ويئر شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نعيم ماهوٽي، ڊاڪٽر فيصل ڪريم شيخ، ڊاڪٽر بدر منير، ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر انعام الله ڀٽي ۽ ثاقب ابڙو پڻ ڳالهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button