پاڪستان

اسان معاشي طور آءِ ايم ايف جا غلام آهيون: وزيراعظم

پشاور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هيءَ ڪهڙي آزادي آهي جو اسان معاشي طور تي آءِ ايم ايف جا غلام آهيون ۽ چئون ٿا ته هي خداداد ملڪ پاڪستان آهي. خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊي آ خان جي علائقي بن ڪورائي ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ لڳايل ڪئمپ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪريو، آخري آفت سٽيل گهر جي بحالي تائين سڪون سان نه ويهندس. ان موقعي تي آءِ ايم ايف کان قرض جي حوالي سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته 75 ورهين ۾ اسان ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي، هي ڪهڙي آزادي آهي جو معاشي طور تي اسان آءِ ايم ايف جا غلام آهيون. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان متحد هجون ته ڪائي مشڪل، ڪو به جبل اسان جي رستي ۾ رنڊڪ نٿو بڻجي سگهي، اتحادي حڪومت گڏجي ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍندي. هن چيو ته گذريل 75 سالن دوران جن ملڪن کي اسان نفرت سان ڏسندا هئاسين اهي ملڪ اتحاد، محنت، ديانت ۽ اسلامي تعليم ۾ ملندڙ رهنما تي عمل ڪندي اڳتي نڪري ويا جڏهن ته اسان تمام پوئتي رهجي وياسين. ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت تائين ايندڙ حڪومتون پو اهي سولين حڪومتون هجن يا فوجي، جيڪڏهن اهي درد دل سان ڪم وٺن ها ته پاڪستان اڄ انهن معاشي مسئلن جو شڪار نه هجي ها ڏسو ته اڄ اسان آ ايم ايف جا غلام آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button