ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي ورڪرز جي عدالت (ڪٽهڙي) ۾ ڏوهاري ثابت ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن فقط سزا ناهي ٻڌائي، باقي سڀ ڪجهھ چارج شيٽ عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي خلاف ڏئي ڇڏي آهي. قانون ۽ آئين جي مطابق عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي ۽ پي ٽِي آئي پابندي مڙهيل جماعت بڻجي چڪي آهي. عمران خان ۽ ان جي ساٿارين کي گھٽ ۾ گھٽ 7 سالن جي سزا ٿي سگھي ٿي. وفاقي حڪومت چاهي ته عمران خان کي فوري طور تي گرفتار ڪري سلاخن پٺيان وجھي سگھي ٿي. ثبوت موجود آهن ته عمران خان سنگين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کان فنڊ ورتا. جنهن ۾ انٽرنيشنل ڊرگ پيڊلرز به شامل آهن. انهن خيالن جو اظهار ھن سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ٻيلن وارو صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپور، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر گهنور خان ايسراڻ به ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته عمران خان ۽ ان جي جماعت غير ملڪي ڪمپنين ۽ غير ملڪي ماڻهن کان فنڊنگ وصول ڪئي جنهن جي آئين ۽ پاڪستان جو قانون اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته 34 غير ملڪي ماڻهن کان فنڊنگ ورتي وئي، وفاقي حڪومت نرمي ڪري رهي آهي هاڻ عمران خان جي بچڻ جي ڪا به گنجائش ناهي رھي. ڪو به ڪارڻ ناهي ته عمران خان سياست کي جاري رکي سگھي. ڪو به ڪارڻ ناھي بچيو ته عمران خان ادارن جي خلاف احتجاج ڪري. هن چيو ته عمران خان 13 بينڪ اڪائونٽ لڪايا جنهن سان هو عياشي ڪندو هو ۽ بني گالا جا خرچ هلندا هئا. جيڪي اڪائونٽ عمران خان جي صحيحن سان کليا هجن انهن کان هو لاتعلق ڪيئن ٿو ٿي سگھي. اوهان کي اها به خبر ناهي ته اوهان جا ڪيترا ٻار آهن ڇا اها به اڪائونٽنٽ کي خبر آهي. هن چيو ته عمران خان ادارن ۾ غلط قسم ناما جمع ڪرايا. هن چيو ته اسين سمجھون ٿا ته پي ٽي آئي ۽ عمران خان جا خدشا صحيح هئا ته جيڪڏهن فارين فنڊنگ جو فيصلو اچي ويو ته عوام کي هو منهن ڏيکارڻ لائق نه رهندا ۽ نه ئي سياست ڪرڻ جي لائق رهندا. اٺن سالن تائين انهن ماڻهن سمورا تاخيري حربا استعمال ڪيا. بيڪ ڊور ۽ فرنٽ ۽ عدالتن جا سڀ طريقا استعمال ڪيا. هن چيو ته عمران خان کي جيڪو ڪرڻو هو سو ڪري چڪو، هاڻ سندس لاڏلو پن نه هلندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ملڪ ۾ انارڪي پکيِڙي، نوجوانن کي روڊن تي آڻي رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن ان کي نوجوانن کي رستن تي آڻڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته پهرين هو پنهنجي پٽن کي آڻي. عمران خان پنهنجي پٽن کي برطانيا ۾ محفوظ ڪري ويٺو آهي ۽ قوم جي ٻارن ۽ نوجوانن کي رستن تي آڻي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ڪوڙو بيانيو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ادارن جي خلاف بيان ڏيندو رهيو آهي. هن چيو ته شاهھ محمود قريشي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي بيان ڏنو ته هو سرخرو ٿيا آهن. اهي ماڻهون چئي رهيا هئا ته فيصلي ۾ انهن جي خلاف ڪجهھ به ناهي، ته پوءِ اهي احتجاج ڇو ڪري رهيا آهن. اهي ادارن جي خلاف ٽرينڊ ڇو هلائي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان جي خلاف اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي. عمران خان ڪڏهن به صادق ۽ امين نه هو. جيڪڏهن ملڪ آئين ۽ قانون تي هلي ته کيس سزا کان ڪير به نٿو بچائي سگھي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي موقعو ڏنو ويو ته سنڌ حڪومت انهن جي چڱي ڀلي خاطر تواضع ڪندي. سنڌ ھونئن به مهمانوازي لاءِ مشهور آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ملڪ جي عدالتن جو تحفظ عوام ڪندي. اليڪشن ڪميشن جو تحفظ اسان يعني عوام جي ذميواري آهي. ڪنهن به ماءِ جي لال ۾ اها همت ناهي جو ادارن تي حملو ڪري ۽ هن چيو ته پر امن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي. پر جيڪڏهن رستا بند ڪيا ويا ته سنڌ حڪومت سخت ايڪشن کڻندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close