اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 16 مريض فوت،1704 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي 16 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 344 ٿي ويو آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ ايند آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 567 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 38 هزار 636، سنڌ ۾ 4 لک 66 هزار 845، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 77 هزار 240، بلوچستان ۾ 33 هزار 159، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 376، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 615 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 422 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 40 لک 5 هزار 357 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 200 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 14 هزار 663 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 704 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 16 مريض فوت ٿيڻ بعد موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 344 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button