پاڪستانسنڌ

جهڏي تعلقي ۾ انتظامي نااهلي سبب 94 اسڪول بند

جهڏو: جهڏي ۾ انتظامي ڪرپشن ۽ لاپرواهي سبب تعلقي جي ٻهراڙين ۾ 94 سرڪاري اسڪول بند پيل آهن، جنهن سبب هزارين نياڻيون ۽ معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن. ٽي اي او فيميل جي سستي سبب اسڪول بند هجڻ باوجود ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويو. نون ڀرتي ٿيل استادن ۽ ماسترياڻين کي تعليم کاتي جي ڪامورن مبينا رشوت عيوض شهر جي اسڪولن ۾ مقرر ڪيو آهي. شهر جي هڪ اسڪول ۾ 25 ماسترياڻيون، ٻئي ۾ 15 مقرر آهن. ٻئي پاسي ڪامورن جي ڪرپشن سبب بند پيل اسڪولن ۾ تعليم جو ٻيهر شروع نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ٻهراڙين جا ٻار مال چارڻ تي مجبور آهن. ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ٻه ٻه سئو ٻارن واري اسڪولن ۾ هڪ-هڪ استاد مقرر آهي، ان باوجود تعليم کاتي جي اعلى اختيارين به نوٽيس ناهي ورتو. شهرين باغي راهمون، مولانا شعيب سنڌي، نياز کوسو، سارنگ ڀٽي ۽ ٻين چيو ته جھڏو تعلقي جي ٻهراڙين سان ظلم جي انتها آهي، ڪامورن ڪجهه پئسن لا هڪ-هڪ اسڪول ۾ به 2 درجن استاد مقرر ڪري ڇڏيا آهن، هڪ سئو اسڪول بند آهن. هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ۾ ملوث ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪري بند پيل اسڪول کولي استاد مقرر ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button