پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ ڍورو پراڻ ۾ پاڻي ڇوليون هڻڻ لڳو، رهواسين ۾ خوف

نئون ڪوٽ: نئوڪوٽ ۾ قديمي قدرتي پاڻي لنگهھ ڍورو پراڻ جنهن کي ھاڪڙو دريا پڻ چئجي ٿو مٿان کان برساتي پاڻي وڌيڪ اچڻ ۽ نئوڪوٽ لڳ ايل بي او ڊي جي ميلاپ واري دروازي وٽ سمنڊ جيان ڇوليون ھڻڻ لڳو، ڍوري جو تار ٿي وڃڻ بعد رھواسين ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي ۽ ٻڏڻ جي خوف کان ھيٺائين واري ڍوري جي ڪنڌي تي رھندڙ آبادين لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سنتورو بازار، وقار ڪالوني، ملاح پاڙو، ڪڇي پاڙو، ڪنڀار پاڙو ۽ راڄپر واسي 24 ڪلاڪ خطري ۾ آهن. برساتن جي نئين اسپيل داخل ٿيڻ بعد ڍوري ڏانھن ٿيندڙ زمينن جي پاڻي جو نيڪال ٿيڻ بند ٿي ويو 20 واري ٻوڏ دوران ايل بي او ڊي کي پيل ٻن گھارن جو پاڻي به ڍوري ۾ ھلڻ سبب ھڪ مھينو ڍورو ابتو وھندو رھيو. وڏي وزير مراد شاھه پاران ايل بي او ڊي جي تباھڪارين دوران ايل بي او ڊي ۽ ڍوري جي ميلاپ واري جڳھه کان انڊر پاس ٺاھي ڍوري جي اصلي بحال ڪري شڪور ڍنڍ رستي پاڻي جو ڇوڙ سمنڊ تائين ڪرڻ ۽ ڍوري جي کاٽي ڪرائڻ ۽ ايل بي او ڊي جي کاٽي ڪرائي پاڻي نيڪال جي گنجائش وڌائڻ سميت وڏا وڏا اعلان ڪيا، پر ڪنهن تي به عمل نه ٿيو، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button