پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ پورهيت ڪاٽن فئڪٽري مان گرفتار، وارثن جو احتجاج

سرهاڙي: سرهاڙي ۾ ڳوٺ گل محمد لغاري جي رهواسي پورهيت وزير شيخ جي وارثن ۽ فئڪٽري جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، پورهيت جي وارثن نفيس شيخ، نصير شيخ، بخشڻ شيخ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته وزير شيخ ڪاٽن فئڪٽري ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ آهي، جنهن کي گذريل ڏينهن سرهاڙي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي فائيو اسٽار ڪاٽن فئڪٽري مان مقامي وڏيرن ۽ بااثرن جي چرچ تي گرفتار ڪري مٿس منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي فئڪٽري جي مئنيجر بابو چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان وزير شيخ ڪاٽن فئڪٽري ۾ مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي، جنهن کي وڏي منشي گذريل ڏينهن تشدد ڪري گرفتار ڪيو ۽ منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. وارثن ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته پورهيت وزير شيخ مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ ايس ايڇ او توڙي وڏي منشي عبدالخالق ملاح کي هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button