پاڪستانسنڌ

ٻارن کان دڪانن ۽ زمينن تي ڪم وٺڻ ظلم آهي:مقصودي رند ۾ ويهڪ

مقصودو رند: سڀ کان اول تعليم هر شھري توڙي ٻھراڙي جي هر فرد جو مقصد هجڻ سان معاشرو پڙھيو لکيو بڻجي پوندو، اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙا ڏسي اکيون ڏک سبب رت سان ڀرجي پون ٿيون، گلن جهڙن ٻارن کان دڪانن، گهرن ۽ زرعي زمينن ۾ جبري پورهيو وٺڻ وڏو ظلم آھي. اهڙو اظھار آئي ايل او جي سهڪار سان سافڪو پاران مقصودو رند ويجهو ڳوٺ منظور آباد ۾ ڪرايل والدين ويهڪ ۽ پرائمري اسڪول منظورآباد ۾ ٻارن سان ڪيل ڪچهري تقريب دوران سافڪو جي آصف نظاماڻي، فرزانه پنهور، ايڊووڪيٽ محمد علي سمون، عطا حسين خاصخيلي ۽ ٻين ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آھي، پر افسوس جو اڃا تائين اسان جي سنڌ جا ماڻهو 45 سيڪڙو پرائمري تعليم به پڙهيل ناهن، هينئر به والدين ٻارن کان چوپايو مال چارڻ، دڪانن ۽ گهرن سميت مختلف ڪاروباري هنڌن تي بيهارڻ ۽ معصوم نياڻين کان ڦٽيون چونڊ ڪرائڻ جو ڪم وٺي رهيا آھن. هنن چيو ته اهي ٻارڙا اسان جي مستقبل جا معمار آھن. ان موقعي تي آزاد بروهي، نورحسن خاصخيلي، علي خاصخيلي، غلام قادر، عبدالحميد ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button