اسلام آبادپاڪستان

شهيدن جي جنازي نماز ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي هروڀرو تڪرار ڪيو ويو:صدر

اسلام آباد: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قرباني پاڪستان ۾ منفرد احساس وارو جذبو آهي، جن کي الله تعاليٰ شهيد جو درجو ڏنو آهي، انهن جي ياد ۽ قربانين جي بي حرمتي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي. سمورن اهل وطن وانگر مون به سدائين شهيدن جي واکاڻ ڪئي آهي، شهيدن جي سوين خاندانن سان ملاقات کانسواءِ انهن جي جنازي ۾ شرڪت سان گڏوگڏ شهيدن جي ڪٽنبن سان ملي تعزيت پڻ ڪئي آهي. صدر مملڪت عارف علوي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪٽنبن کي فون ڪيو. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ پيش آيل هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪٽنبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد جي پٽ ڪيپٽن احمد علي سان ڳالهايو ۽ ڪٽنب سان تعزيت پڻ ڪئي. صدر مملڪت هڪ سچي، دلير، هنرمند ۽ رهنما آفيسر طور ان جي واکاڻ ڪندي چيو ته انهن جي قربانين سبب اڄ پاڪستان مضبوط بيٺل آهي، صدر عارف علوي برگيڊيئر خالد شهيد جي پٽ سعد سان پڻ ٽيفلون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان سان تعزيت ڪئي. هن سعد کي چيو ته هو پنهنجي ماءُ، ڏاڏي ۽ ڪٽنب جو شڪريو ادا ڪري ته ان جي بهادر پيءُ هڪ عظيم قرباني ڏني آهي، هن چيو ته يقينن اهڙي طرح جي واقعن سان اسان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا پر اسان کي پاڪستان جي بهادر پٽن تي فخر هوندو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي (ميجر جنرل بڻجندڙ) برگيڊيئر امجد حنيف شهيد جي ڀاءُ ميجر اسد کي پڻ فون ڪيو ۽ ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته مون کي برگيڊيئر تي فخر آهي، هن ان جي خاندان لاءِ عزم ۽ همت جي به دعا ڪئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي 30 سالن جي نوجوان نائيڪ مدثر فياض شهيد جي ڪٽنب کي فون ڪيو ۽ تعزيت ڪئي، جن جي خاندان کي ان جي شهادت تي فخر آهي ۽ هميشه شهيدن جي سمورن ڪٽنبن وانگر مدثر فياض شهيد جي ڪٽنب به چون ٿا ته خاندان جا ٻيا ماڻهو پڻ شهادت لاءِ تيار آهن، صدر مملڪت چيو ته قرباني جو جذبو پاڪستان ۾ منفرد خوصيت وارو آهي، جنهن کي محفوظ رکيو ويو آهي، معاون پائليٽ ميجر طلحه منان شهيد جيڪو ٻن ننڍن پٽن جو والد آهي، ٻارن سان ڳالهائيندي صدر انهن لاءِ خاندان جي ٻين ماڻهن لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته هٿياربند فوج جو ادارو سدائين شهيدن جي خاندانن جي سٺي پرگهور لڌي آهي، صدر مملڪت اميد ظاهر ڪئي ته اها نقصان ڏيندڙ تڪليف آهي پر هو وڏا ٿي پنهنجي والد تي فخر ڪندا، انشاءُ، ڊاڪٽر عارف علوي ميجر سعيد احمد شهيد جي ڀاءُ اسڪوارڊرن ليڊر امير علي سان ڳالهائيندي ميجر سعيد احمد شهيد کي هڪ بهترين پائليٽ قرار ڏنو جنهن جي پنهنجي سروس ۾ بهترين ڪيريئر آهي، صدر چيو ته سڄي قوم کي ان تي فخر آهي، هن چيو ته شهيدن جي ڪٽنب سان ڳالهائڻ جو مقصد ملڪ لاءِ انهن جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ آهي، هن ڏکويل خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي ان کان اڳ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي هيليڪاپٽرن جي شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي غير ضروري تڪرار جي حوالي سان مختلف ٽوئيٽس کي رد ڪندي چيو ته اهڙي طرح جا ٽوئيٽس ڪندڙن کي ان قدم سان مون کي انهن جي نفرت انگيز ٽوئيٽس جي واضح طور مذمت جو موقعو مليو آهي. اهڙا ماڻهو نه ته اسان جي ثقافت ۽ نه ئي اسان جي مذهب کان واقف آهن. ڊاڪٽر عارف علوي قرآني تعليم جو حوالو ڏيندي سوال ڪيو ته جن ماڻهن کي الله شهيد جو درجو ڏنو آهي، انهن جي ياد ۽ قرباني جي بي حرمتي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي، صدر مملڪت چيو ته سمورن پاڪستانين وانگر مان پڻ سڄي زندگي شهيدن جي واکاڻ ڪئي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون شهيدن جي سوين خاندانن کي گهرايو ا، نهن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ تعزيت لاءِ شهيدن جي ڪٽنبن سان ملاقاتون ڪيون، هن چيو ته اوهان وانگر ائين ڪرڻ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو، شهيدن تي ڪٽنبن کي فخر آهي، اسان سڀ هن دنيا ۾ غمگين آهيون ۽ ذاتي نقصان کي تسليم ڪريون ٿا، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جن خاندانن ۾ ننڍا ننڍا ٻار آهن انهن سان تعزيت جواظهار ڪرڻ ڏکيو هو، هن چيو ته شهيدن جا ڪٽنب روئن ٿا ته مان پڻ انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ هوندو آهيان، هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪري ئي پاڪستان محفوظ ۽ ان ڳالهه تي مون کي فخر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button