اسلام آبادپاڪستان

برساتن جي نئين اسپيل لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي:شيري رحمان

اسلام آباد :وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ انتظاميا کي چوماسي برساتن دوران الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته وفاقي ڪابينا چوماسي ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 10 کان 14 آگسٽ تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز چوماسي جون برساتون وسڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته موسميات کاتو خليج بنگال تي ٺهندڙ برساتن جي نظام کي ڏسي رهيو آهي جنهن جو زور وڌندو پيو وڃي. شيري رحمان چيو ته اسان کي برساتن جي نئين اسپيل لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي. اڄ کان ڪجهه علائقن ۾ برساتن جو نئون اسپيل شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سموري صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا کي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button