اسلام آبادپاڪستان

عمران ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو سيڪيورٽي رسڪ آهي:سعيد غني

اسلام آباد : صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته شهباز گل پاران پاڪ فوج ۽ ادارن لاءِ جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي، اهو گذريل چئن مهينن کان عمران نيازي جي سياست جو تسلسل آهي. هن جيڪو ڪجهه چيو آهي، اهو هڪ رٿابندي تحت چيو آهي ۽ ان جي اعليٰ سطحي انڪوائري ٿيڻ گهرجي. راءِ جي اظهار جي آزادي جو ڪڏهن به اهو مقصد نه آهي ته سموريون آئيني ۽ قانوني حدون اورانگهيون وڃن. عمران نيازي هن ملڪ لاءِ سڀ کان وڏي سيڪيورٽي رسڪ بڻيل آهي ۽ ان جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿانهون سمجهي رهيا آهن. ڪوئي فوجي جنرل اڄ به جيڪڏهن سياست ۾ مداخلت ڪندو ته اسان ان کي گهٽ وڌ چونداسين. جهڙوڪ ماضي ۾ ضياءالحق ۽ مشرف کي چيو ويو آهي ڇو ته انهن آئين ۽ قانون کان مٿانهون ٿي هن ملڪ ۾ آمراڻو نظام قائم ڪيو هو پر هاڻوڪي فوجي قيادت ته پاڻ چئي رهي آهي ته اها سياست ۾ ڪڏهن به مداخلت نٿي چاهي. عمران نيازي کي اسرائيلين ۽ ڀارتين جيڪڏهن فنڊ ڏنا آهن ته ان کي ڪو ٽاسڪ به ڏنو هوندو ۽ اهو ٽاسڪ هن ملڪ جي ادارن، معاشري، سياست ۽ نئين نسل کي تباهه ڪرڻ جو آهي. اي آر وائي جي حمايت يوسف جي خلاف جيڪڏهن ڪوئي قانوني لنڪ ناهي ٿيو ته ان جي خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر افتخار ۽ شاهده رحماني ۽ ٻيا به موجود هئا. سعيد غني چيو ته شهباز گل جيڪا هڪ نجي چينل تي ڳالهه ڪئي، اها واضح طور تي فوج کي بغاوت ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ جون ڳالهيون هيون ۽ ان جي جرئت ان لاءِ ٿي جو ماضي ۾ جهڙي طرح سياسي جماعتن سان جيڪو رويو اختيار ٿيندو رهيو آهي، ان جو هڪ سيڪڙو به ان سان ناهي رکيو ويو. سعيد غني چيو ته هي سلسلو نئون نه آهي پر عمران نيازي جي خلاف آئيني ۽ قانوني نموني سان بي اعتمادي رٿ اچڻ کان پوءِ شروع ڪيو ويو آهي ۽ عمران نيازي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ادارا، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن ان جي ماتحت ڪم نه ڪندا ته هو اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button