ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي جو آرڪيٽيڪچر ڊپارٽمينٽ جو فرسٽ ايئر جو ڏيپلو واسي شاگرد ڪلديپ پٽ ھاٿي رام جي طبعيت سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلاس وٺڻ دوران اوچتو خراب ٿيڻ تي سندس سئوٽ ۽ دوست لمس اسپتال آندو، جتي شاگرد فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ فوتي شاگرد جي عزيز سندس سئوٽ گيان جو چوڻ ھو ته مھراڻ يونيورسٽي ۾ رت جي ڪيمپ لڳائي وئي هئي، جنهن ۾ سئوٽ ڪلديپ سوٽهڙ رت ڏنو، جنهن کان پو سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪري رهيو هو ته اوچتو هن جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن بعد لمس اسپتال آندو، جتي گهرائڻ باوجود ڊاڪٽر نه پهتا، جنهن کان پو اسان سئوٽ کي لفٽ بند هئڻ ڪري سيڙهي ذريعي ٽي منزل تي وٺي وياسين ته اتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. گيان سوٽهڙ لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب سئوٽ فوت ٿيو آهي، ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close