اسلام آبادپاڪستان

دنيا ۾ سڀ کان سستو ملڪ پاڪستان آهي:شوڪت ترين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين دعويٰ ڪئي آهي ته دنيا ۾ سڀ کان سستو ملڪ پاڪستان آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سان اصولن ۽ پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿيون آهن. معاهدي جي ويجهو آهيون، پروگرام جو مارڪيٽ ۾ هاڪاري اثر پوندو. معاهدي جا وڌيڪ تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان. هن چيو ته سعودي عرب 4 ڏهائي 2 ارب ڊالرن جو پيڪيج ڏنو آهي. سعودي عرب ماهوار 10 ڪروڙ ڊالر ماليت جو تيل دير سان ادائيگين تي فراهم ڪندو. سعودي عرب اسان جي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري لاءِ 3 ارب ڊالر ڏيندو. سعودي عرب کان ملندڙ رقم اسان لاءِ وڏي فائديمند آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي آمدني گهٽ آهي، هاڻ جيڪو ڀيٽ جو جائزو آيو آهي، ان ۾ پاڪستان سستو ترين ملڪ آهي. تيل جي اگهن جي دٻاءَ باوجود عوام کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون. ماضي ۾ تيل تي ليوي ورتي ويندي هئي. ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته سڄي دنيا معاشي مسئلن جو شڪار آهي، اميد ته ايندڙ 6 مهينن ۾ سڄي دنيا ۾ شيون سستيون ٿينديون. تيل جي قيمتن ۾ 450 ارب رپين جو رليف ڏئي چڪا آهيون، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ اگهه گهٽ آهن. هن چيو ته حڪومت گئس جون قيمتون ڪنٽرول ڪيون آهن ۽ يوريا ڀاڻ جو اگهه به نه وڌندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button