اسلام آبادپاڪستان

برساتن جو نئون سلسلو جمعي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي:شيري رحمان

اسلام آباد :ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته برساتن جو نئون سلسلو 26 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا. ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني صوبن کي وڌيڪ وسيلن جي ضرورت آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي جولاءِ کان 22 آگسٽ تائين جي رپورٽ مطابق پڊ عيدن ۽ ڪراچي ۾ 30 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌ جا سڀئي ضلعا ان عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ طوفاني برساتن سبب متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جو سلسلو وڌيڪ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. ماحولياتي تبديلي واري وزارت سانوڻي جي برساتن جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پهرين ئي خبردار ڪيو هو. ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني صوبن کي وڌيڪ وسيلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته لکين ٻوڏ متاثر رليف جا منتظر آهن. ڏکڻ پنجاب جا ماڻهو صوبائي حڪومت طرف ڏسي رهيا آهن پر افسوس آهي ته پنجاب حڪومت جي سڄي توجهه شهباز گل ۽ عمران خان ڏانهن آهي. هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو شهباز گل جي گرفتاري نه پر ٻوڏ ۽ برسات متاثر لکين ماڻهن جو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button