اسلام آبادپاڪستان

شهباز گِل خلاف بنا لائسنس هٿيار رکڻ جو ٻيو ڪيس داخل

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل خلاف بنا لائسنس هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب شهباز گِل بيان ڏنو آهي ته پسٽل سندس ملازم جو آهي ۽ ان جو لائسنس پڻ آهي. شهباز گِل کي ملازم جي لائسنس سميت پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر هو هنيئر تائين ملازم ۽ نائن ايم ايم پسٽل جو لائسنس پيش ناهي ڪري سگهيو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهباز گِل بنا لائسنس ۽ اجازت نامي جي هٿيار رکي ڏوهه ڪيو آهي. پوليس موجب شهباز گِل پارليامنٽ لاجز جي ڪمري مان هٿ آيل پسٽل جو لائسنس پيش ناهي ڪري سگهيو، کيس هٿ آيل پسٽل جو لائسنس پيش ڪرڻ لاءِ 12 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button