اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪائڻ واري معاملي تي توھين عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ تي عمران خان خلاف توهين عدالت جي ڪيس جي شنوائي ٽي رڪني لارجر بئنچ ڪئي. جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ قائم بئنچ ۾ جسٽس ميان گل حسن ۽ جسٽس بابر ستار پڻ شامل آهي. عدالت رجسٽرار جي نوٽ تي توهين عدالت ڪارروائي جي شروعات ڪئي جنهن سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو. ان دوران ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد پنهنجن دليلن ۾ چيو ته عورت جج بابت هي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته اها عورت جج ڪهڙي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي هئي؟ ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته عورت جج شهباز گِل جي رمانڊ بابت ڪيس ٻڌي رهي هئي، عمران خان جوڊيشري ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف لڳاتار اهڙي ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي. عمران خان انصاف جي فراهمي رنڊڪ بڻجي رهيو آهي.عدالت چيو ته جاچ دوران عدالت به مداخلت ناهي ڪندي، عورت جج کي ڌمڪايو ويو، جيڪڏهن اهڙو ماحول جوڙڻو آهي ته پوءِ ڪم نه هلندو، سڄي ملڪ ۾ جج ڪم ڪري رهيا آهن. عدالت فيصلو ڏيندي ته ان خلاف تقريرون شروع ٿي وينديون؟ هي عام ماڻهو کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن ته هو اُٿي ۽ پنهنجو انصاف پاڻ شروع ڪري ڇڏي؟ عدالت چيو ته وزيراعظم رهندڙ ليڊر مان اهڙي قسم جي بيانن جي اميد نٿي رکي سگهجي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته جنهن عورت جج کي ڌمڪايو ويو کيس واڌو سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهيو، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ها ۾ جواب ڏيندي چيو ته عورت جج کي واڌو سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. عدالت چيو ته پهرين نوٽيس جاري ڪري عمران خان جو موقف ٻڌو وڃي يا ڊائرڪيٽ قانوني نوٽيس جاري ڪجي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سراسري طور ڏٺو وڃي ته هي سڌو سنئون قانوني نوٽيس جو ڪيس ٺهي ٿو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته تمام گهڻن ماڻهن جي موجودگي ۾ ڇا اهڙي قسم جو ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ؟ ميڊيا ذريعي ڪيئي ماڻهو اهو ڏسي رهيا هئا، هاڻ جڏهن اسان هن ڪيس جي شنوائي ڪري رهيا آهيون تڏهن به عدليا کي بدنام ڪيو پيو وڃي. سنجيدا معاملو آهي ۽ اهو رڳو اسلام آباد جي ماتحت عدالت جي جج تائين محدود ناهي. سول بيورو ڪريسي ۽ پوليس کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اڄ هڪ حڪومت آهي، اُها هلي ويندي ته ڇا ڌمڪيون ڏيندي؟ هتي ته مخصوص ماڻهن سڄي نظام کي جڪڙي ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽن ججز تي ٻڌل لارجز بئنچ قائم ڪرڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته عدالت عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 31 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آھي. عدالت چيو ته عمران خان نيازي کي نوٽيس تي ذاتي طور عمل ڪري، جيڪڏهن رياستي ادارا ڪم نه ڪندا ته ملڪ ڪئين هلندو. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي تقرير جو مڪمل رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close