سانگھڙ: پيرونمل ۾ ڪار برساتي پاڻي ۾ ڪلٽي ٿي ڪري پئي، جنهن سبب ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب پيرونمل ۾ رات دير سان دلشاخ تان ماني کائي موٽندڙ ڪار سلطان آباد وٽ موڙ ڪاٽيندي برساتي پاڻي ۾ ڪلٽي ٿي ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽائون ڪميٽي پيرونمل جو اڳوڻو وائيس چيئرمين راجيش ميگهواڙ، ڊرائيور ڌرمون ميگهواڙ ۽ ڪيلاس ڀاٽ فوت ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ وڏي انگ ۾ علائقي جا ماڻهو پھچي ويا، جن ٽنھي فوتين جا لاش برساتي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيا ۽ مقامي اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ٽنھي فوتين جو تعلق پيرونمل شھر سان آهي، جيڪي رات دير سان ھوٽل تان ماني کائي واپس اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو، وارث پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائين. ٻڌايو ويو آهي ته فوت ٿيل ماڻهن ۾ چاچو ۽ ڀائيٽو شامل آهن. لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close