اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايمنسٽي اسڪيم ۽ ٽيڪس ڇوٽ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جو شرط

اسلام آباد :عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاران پاڪستان لاءِ وڌيڪ سخت شرط سامهون اچي ويا. آءِ ايم ايف پاران پاڪستان ڏانهن اماڻيل ليٽر آف انٽينٽ موجب ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۽ ٽيڪس ڇوٽ قومي اسيمبلي مان منظوري بنا نه ڏني ويندي. جڏهن ته ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۽ ٽيڪس ڇوٽ لاءِ ايس آر او جاري ڪرڻ تي پابندي هوندي. ايل او آءِ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن شعبي کي ٽيڪس رعايت لاءِ، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر ۽ ڳجها اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ ايمنسٽي به قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ هوندي. ايل او آءِ موجب سليز ٽيڪس ۾ گڏيل ڀائيچاري لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ عالمي بينڪ جو سهڪار حاصل هوندو. پاڪستان ان شرطن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ليٽر آف انٽينٽ ۾ آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button