پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ برسات، واهه کي گهارو، 3 ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ٻن ڏينهن هلندڙ برسات سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. واهه کي گهارو پوڻ سبب 3 ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. رپورٽ موجب عمرڪوٽ ۾ 2 ڏينهن جي وقفي کانپو هڪ ڀيرو ٻيهر وقفي وقفي سان تيز برسات پئي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا ۽ سوين گهر ڊهي پيا. ضلعي جي تعلقي پٿورو، سامارو ۽ ڪنري ۾ هزارين ماڻهو روڊ رستن تي امداد جي آسري تي ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به مدد ناهي ڪئي. هوڏانهن وونئڻن ۽ مرچن جو تيار فصل لڙهي ويو، جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو. ٻئي پاسي صوبائي وزير سردار علي شاهه رليف ڪئمپن جا دورا پڻ ڪيا، پر امدادي ڪمن ۾ تيزي نه آئي، دربدر ٿيل ماڻهن کي انتظاميا اڃا تائين خيما به نه ڏئي سگهي آهي. هوڏانهن آبپاشي عملي جي نااهلي سبب عمرڪوٽ جي ڪوٽ واهه کي 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڳوٺ نماڻو شاهه، هاڙ ۽ هيرا آباد ۽ سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل ٻڏي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گھاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي، پر آبپاشي عملو نه پهتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button