اسلام آبادپاڪستان

نه پهريان دٻاءُ ۾ آيو هئس نه هاڻي دٻاءُ ۾ ايندس:عمران

اسلام آباد :پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف آبپارا ٿاڻي تي هڪ ٻي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. پوليس موجب عمران خان خلاف ڪيس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي 17 اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب ڪيس ۾ مراد سعيد، فواد چوڌري، فيصل جاويد، اسد عمر، راجا خرم نواز، علي نواز اعواڻ سميت شيخ رشيد کي پڻ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان سميت پي ٽي آءِ قيادت قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي. عمران خان جي خواهش تي پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ اٽڪل هڪ هزار ڪارڪنن روڊ بلاڪ ڪيو. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن لائوڊ اسپيڪر جو به استعمال ڪيو. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته دنيا ڏسي وٺي پاڪستاني قوم ڪنهن سان بيٺي آهي. نه پهريان دٻاءُ ۾ آيو هئس نه هاڻي دٻاءُ ۾ ايندس. ڪالهه عمران خان جي صدارت هيٺ مشاروتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال، ايندڙ حڪمت عملي، جلسن سميت ٻين معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويو. جلاس دوران عمران خان ننڍي چونڊ جي تيارين وارن معاملن تي آگاهي ڏني وئي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته پارٽي قيادت به ڪنهن قسم جي دٻاءُ قبول نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان عوامي رابطا مهم جي حوالي سان پڻ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي ۽ هو شيڊول موجب جلسا ڪندو. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته دنيا ڏسي وٺي، پاڪستاني قوم ڪنهن سان گڏ آهي، نه پهرين دٻاءُ ۾ آيو هئس نه هاڻ ايندس ۽ ملڪ جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button