پاڪستانسنڌ

شرجيل انعام ميمڻ حيدراباد ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ رين ايمرجنسي ۾ حيدرآباد جي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه حيدراباد ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. لطيف آباد جي بوليورڊ مال لڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جو افتتاح 9 سيپٽمبر تي ٿيڻو هو پر شهر ۾ تازين برساتن ۽ گندگي جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير اڄ کان ئي بورڊ کي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ الحمدالله اڄ کان پاڪ ايلتش جي سهڪار سان شهر مان وڏن وڏن گند ڪچرن جي ڍيرن جي صفائي سٿرائي جو ڪم بهتر طريقي سان شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 9 سيپٽمبر کان گهر گهر، گهٽين ۽ پاڙن مان گندڪچرو کڻائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته اهو ڪچرو لوڻي ڪوٽ ۽ کٿڙ لڳ لينڊ فل سائيٽ تي ڊمپ ڪيو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته هن وقت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير صوبي جي سمورن ضلعن جي دوري تي آهن ۽ پوري صوبي ۾ برساتي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت برسات جي ڪري سنڌ جون معاشي حالتون ٺيڪ ناهن، شهري ۽ ٻهراڙي وارا علائقا پاڻي هيٺ آهن، وفاقي حڪومت جي سهڪار جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزير اعظم پاڪستان سان ان سلسلي ۾ ڳالهايو آهي ۽ وفاقي حڪومت يقين ڏياريو آهي ته سنڌ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو، جن ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي، انهن جي شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت مالي مدد ڪئي ويندي ۽ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي گهر تعمير ڪرائي ڏنا ويندا، جڏهن ته هن وقت برسات متاثرن کي خيمن جي فراهمي سميت تيار ٿيل کاڌو پڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. لطيف آباد ۾ برساتي پاڻي نيڪالي جي حوالي سان هن چيو ته لطيف آباد مان برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بنائڻ لاءِ حددخلين جو خاتمو ڪيو ويو آهي نه فقط لطيف آباد پر شهري ۽ ٻهراڙي علائقن مان ترجيحي بنيادن تي برساتي پاڻي کي نيڪال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا پڻ پنهنجا فرض ادا ڪري رهيا آهن.

عمران خان بابت سوال تي هن چيو ته جن عمران خان کي آندو هو انهن کي اها خبر ئي نه هئي ته اهو مهرو پاڪستان جي خلاف آهي ۽ عمران خان کي ڀارت، اسرائيل ۽ ٻين پاڪستان مخالف ملڪن جي حمايت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ پاڪستان کي غيرمستحڪم ڏسڻ چاهين ٿا، عوام کي ۽ ادارن کي اپيل ڪيان ٿو ته اهي عمران خان جي دٻاءُ ۾ نه اچن ۽ هن وقت ملڪ ڪنهن به قسم جي سازش کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي. هوڏانهن صوبائي وزير ڪالهه به پنهنجي تڪ ۾ موجود رهيو، يوسي موسيٰ کٽياڻ، ٽنڊو ڄام جي مير ڪالوني، ٽنڊو ڄام شهر، مالاڪنڊ چوڪ، يوسي سانوڻ گوپانگ، ڳوٺ حسين خان ٺوڙهو، ڳوٺ بدر ميمڻ، پساکي، حاجي ابراهيم کان علاوه پي ايس 63 جي ٻين ڳوٺن جو دورو ڪري برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال، متاثرن جي بحالي ۽ امداد جي فراهمي سميت برساتي پاڻي جي ترت نيڪالي ۽ ٻين امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ، ايم پي اي عبدالجبار خان، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد فاخر شاڪر کان علاوه ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button