پاڪستانسنڌ

برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا مظاهرا

حيدرآباد: سنڌ ۾ صوبائي سرڪار ۽ انتظامي نااهلي سبب شهر ٻڏڻ ۽ برسات متاثر ماڻهن جي واهر نه ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مظاهرا ڪيا ويا. ڪيترن ئي شهرن ۾ پوليس ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شھباز بلڊنگ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، نظير بليدي، ايس ٽي پي جي حيدر شاھاڻي، ايس يو پي جي منور خاصخيلي، سميع چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت جي تاج جويو، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، بختاور چنڊ، نصرت خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آھي. سم نالن، شاخن ۽ واھن کي گھارا لڳڻ سبب فصل ۽ ڳوٺ ٻڏي رھيا آھن ۽ ڊرينيج سسٽم تباھه ھجڻ ڪري شھر، بازارون ۽ رستا ٻڏي ويا آھن، نااھل ۽ ڪرپٽ حڪمران اربين رپين جي ڪرپشن لا معصوم ماڻھو ماري رھيا آھن. ھنن گهر ڪئي ته برسات متاثرن جي فورن مدد ڪري کين معاوضو ڏنو وڃي. ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان الفتاح چوڪ کان ڊي سي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ضلعي صدر اقبال حاجاڻو، جمن ملاح، ايس يو پي ضلعي صدر پپو ذالفقار ڀرڳڙي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ جاويد ھاليپوٽو، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ زاھد جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. عمرڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شاعر حاجي ساند، ميھار بنگلاڻي، ٽيڪم ميگھواڙ، ساجد مڱريو ۽ شاھد ساند جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ٺٽي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، جيئي سنڌ محاذ، پورهيت مزاحمت تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پبلڪ پارڪ مڪلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنھن بعد ٺٽو باءِ پاس تي پڻ احتجاج ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر جلال شاهھ، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ منور ڀٽو، شبير ڀٽي، ايس يو پي جي ضلعي صدر عمران خشڪ، پورهيت مزاحمت تحريڪ ٺٽي جي ضلعي صدر عبدالجبار ڀنڀرو، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو، قومي عوامي تحريڪ جي ياسر جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪيو. مٺي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪيو اي ٽي، ايس ٽي پي، ايس يو پي، اي جي پي ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن ڊي سي آفيس اڳيان وڪيل شاهنواز ھنگورجو، گھنشام مالهي، غلام الله بچاڻي، دنيش پرمار، وجئه ساگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، جنهن دوران مظاهرين ۽ ڊي سي جي گارڊن ۾ چڪريون ٿي پيون، بعد ۾ ڊي سي عبدالحفيظ سيال جي حڪم تي پوليس ڪيو اي ٽي اڳواڻ وڪيل شاهنواز ھنگورجو، ايس ٽي پي اڳواڻ گھنشام مالهي ۽ ايس ايس ٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري دانش پرمار کي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جن کي 3 ڪلاڪن بعد آزاد ڪيو ويو. سجاول ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، ترقي پسند پارٽي جي غني ملاح، قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار، جسقم اڳواڻ غفور چانگ، جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شورو، قومي پارٽي جي قادر بخش زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي. سيوھڻ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن سيوھڻ جي صدر محمد نواز رند، مريد خان بروهي، اصغر شاھاڻي، امام علي جتوئي، محمد خان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ڪوٽڙي ۾ ڊي سي ڄامشورو جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ديدار شام شبير سانڌ، شبير ٻنگ، ستار لهر ۽ ٻين خطاب ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ايس يو پي ضلعي صدر ڊاڪٽر مظهر مغل، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، ضلعي صدر عزيز شيخ، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عزيز الله ڀٽو، ضلعي صدر ذوالفقار بليدي، عوامي تحريڪ جي ايڊوڪيٽ ساجد مھيسر، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر جميل ميمڻ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر احمد نواز بروهي ۽ ايس يو پي ليديز فرنٽ جي مرڪزي صدر شيبا مغل ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. وارهھ ۾ ايس يو پي اڳواڻ عبدالڪريم چانڊيو، وقار رضا چولياڻي، قومي عوامي تحريڪ جي عنايت الله لاشاري ۽ اڪبر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، امداد سومرو، فاروق چاوڙو، شبير مگسي، عرفان چانڊيو، محمدعلي مڱريو، رجب خشڪ جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ڪنڌڪوٽ ۾ ڊي سي آفيس آڏو سوين ڪارڪنن اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، سجاد بروھي، ڪامريڊ عباس، شاھنواز مرھيٽو، حاجي الطاف حسين بنگوار، سلطان نندواڻي غلام علي ڇوٽو جکراڻي، نظير سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button