پاڪستانسنڌ

سڪرنڊ ڀرسان ڇنڊڻ ۽ سم نالي کي گهارا، ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

سڪرنڊ: سڪرنڊ ڀرسان واهن ۽ شاخن ۾ چاڙھه پيدا ڪندڙ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ جوڙيل ڇنڊڻ کي 25 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن بعد ڳوٺ دنگ، مصري کوسو، حفيظ انڙ، مڏ ۽ ٻيا سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو. جڏهن ته ڳوٺاڻا چوپايو مال ڪاهي گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ڳوٺ لاکا آباد ۾ سم نالي کي 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڳوٺ قلعي بخش رند ۽ ميان شورو سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ٻي پاسي ڇنڊڻ موري بند ڪرڻ خلاف مختلف ڳوٺن مصري خان کوسو، جيئو ڄام انڙ، ڪهور مري ۽ عارف انڙ جي ڳوٺاڻن غازي خان کوسو، مجيب الرحمان کوسو، جمال الدين کوسو، استاد رستم علي، شاهزيب شاهه ۽ ٻين باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ڇنڊڻ شاخ کي اريگيشن عملي هٿرادو بند ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سبب دريا جي پاڻي جو ڇوڙ بند ٿي ويو آهي، بااثر ڌريون ڇنڊڻ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري رهيون آهن، جنهن سبب ڳوٺ ٻڏي ويندا. ڌرڻي بعد اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ جنيد عالم، مختيارڪار وسيم لاشاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون. مظاهرين مطالبو ڪيو ته مشينون گهرائي هينئر پاڻي ڪڍيو وڃي ۽ بااثر ڌرين جو پاڻي بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button