اسلام آباد :ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا جي عدالت بغاوت تي اُڪسائڻ جي الزام ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي ڌُرين کي جواب لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. گذريل ڏينهن فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ ۽ ٻئي ليگل ٽيم ذريعي داخل درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته سندس خلاف ڪيس سياسي بنيادن تي بڻايو ويو آهي. منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي ڪجهه حصو ايف آءِ آر ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اعليٰ ترين يونيورسٽين مان پڙهيل آهيان، آمريڪا ۽ يورپ جي درسگاهن ۾ پڙهائيندو رهيو آهيان. درخواستگذار خلاف داخل شقن تحت ڪيس نٿو بڻجي. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي ته ضمانت منظور ڪئي وڃي. ان دوران شهباز گل طرفان حفيظ الله ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ـشروعاتي دليل ڏنا. عدالت ڄاڻايل قدمن سان شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close