اسلام آبادپاڪستان

فوج جي جنرل آفيسرن طرفان مهيني جي پگهار متاثرن لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي :ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن جنرل آفيسرن هڪ مهيني جي پگهار ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آرمي چيف جي صدارت هيٺ 250 هين ڪور ڪماندرز ڪانفرنس ۾ پرڏيهي ۽ گهرو سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سخت ٻوڏ جي تباهين ۽ جاري رليف جي ڪمن تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سمورن فارميشنز کي آپريشنل تياريون برقرار رکڻ سميت رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ هر هڪ متاثر شخص جي مالڪي ڪئي وڃي. ٻوڏ متاثرن جون تڪليفون گهٽائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ 250هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. فورم کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ آرمي فارميشنز پاران جاري امدادي ڪارروائين کان آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته ٻاهرين ۽ اندرين سلامتي واري صورتحال تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف سمورن فارميشنز کي اپريشنل تياريون برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. هن خاص ڪري خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف قدم جاري رکڻ جي به هدايت ڪئي. ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن ٻوڏ واري صورتحال ۽ فوج پاران جاري رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جاري امدادي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آرمي فارميشنز کي ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button