اسلام آبادپاڪستان

عمران جي ضمانت منظور،پهرين سيپٽمبر تائين گرفتاري کان روڪيو ويو

اسلام آباد :دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دهشتگردي جي ڪيسن هڪ لک رپيا ضمانت مچلڪن جي عيوض ڪچي ضمانت منظور ڪندي کيس پهرين سيپٽمبر تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ايڊيشنل ڊسٽرڪت اينڊ سيشن جج زيبا چوڌري ۽ اسلام آباد پوليس جي سربراهه کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ عمران خان دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت پهتو. ان موقعي تي فيڊرل جڊيشل ڪمپليڪس ۾ واڌو سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي. عمران خان جي پهچڻ کان اڳ دهشتگردي جي ڪيس ۾عمران خان جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ چيو ويو ته پوليس انتقامي ڪارروائي تحت دهشتگردي ٽوڙ جو ڪيس ٺاهيو. عدالت گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست منظور ڪندي درخواست ضمانت تي شنوائي دهشتگردي عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن ڪئي. ان موقعي تي فواد چوڌري، پرويز خٽڪ ۽ فيصل جاويد به عدالت جي ڪمري ۾ پهتا. جج چيو ته هي وڌيڪ مدي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، هڪ هفتي جي ڏينداسين. پهرين سيپٽمبر تائين ڪچي ضمانت ڏيون ٿا ۽ پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيون ٿا، جنهن کان پوءِ عدالت هڪ لک رپين جي مچلڪن جي عيوض عمران خان جي ڪچي ضمانت منظور ڪندي پهرين سيپٽمبر تائين پوليس کي کيس گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. عدالت مدعي ۽ پراسيڪيوٽر کي جواب طلبي لاءِ نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button