پاڪستان

پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهيون:گڏيل قومون

گڏيل قومن چيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي مدد ڪئي پئي وڃي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ترجمان اسٽين دوجارڪ ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ٽيم سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل صوبن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ عملدارن جي مدد ڪري رهي آهي ۽ هاڻي تائين گڏيل قومن جي ٽيم ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ 7 ملين آمريڪي ڊالرن جي امداد تحت 1100 ميٽرڪ ٽن خوراڪ فراهم ڪئي آهي. هن پريس بريفنگ دوران ٻُڌايو ته فوري ضرورتن جو ڪاٿو لڳائڻ بعد گڏيل ردعمل کي مربوط ڪرڻ ۽ وڌيڪ وسيلن جي فراهمي لاءِ رسپانس پلان کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ گذريل هفتي دوران شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي صوبا متاثر ڪيا، جنهن سبب 8200 کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آهن. 16 ۽ 21 آگسٽ ٻوڏ سبب 63 ماڻهو فوت ۽ 115 زخمي ٿيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. هن چيو ته لڳ ڀڳ 3400 گهرن کي نقصان يا تباهه ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ٽيمون خوراڪ، پاڻي ۽ صفائي، خيما، صحت جي سارسنڀال جي خدمت ۽ ٻئي ضروري سامان سان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن سال هاڻ تائين افغانستان ۾ ٻوڏ سبب 256 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button