سنڌ سرڪار ڪيترن ئي ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي ڏسندي سرڪاري ۽ خانگي اسڪول ۽ ڪاليج وڌيڪ 2 ڏينهن جمع ۽ ڇنڇر تي بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. تعليم کاتي جي پڌرائي موجب سنڌ ۾ 26 ۽ 27 آگسٽ تي سرڪاري ۽ نجي اسڪول توڙي ڪاليج بند رهندا. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکي موڪلن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو سڄي سنڌ جي سرڪاري، خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن تي لاڳو ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هن وقت به ٻوڏ جي صورتحال آهي، ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج پاڻي هيٺ آهن، ۽ اسڪولن ۽ توڙي ڪاليجن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪري متاثرن کي اتي رهايو ويو آهي، تنهن ڪري اڄ کان آچر تائين اسڪول ۽ ڪاليج بند رهندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close