پاڪستان

ٽرينن جو ڦيٿو رڪجي ويو، ملڪي معيشت کي روزانو 10 ڪروڙ رپيا نقصان

برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب سڄي ملڪ ۾ ريل گاڏين جو ڦيٿو رڪجي ويو، ٽرينون نه هلڻ ڪري قومي معيشت کي روزانو 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي. تفصيل موجب ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي، لکين ماڻهو بي گهر ۽ هزارين جانور مري ويا آهن، جڏهن ته سوين انساني جانيون به ضايع ٿيون آهن. ڪيترن ئي ضلعن ۾ جتي خانگي اثاثا برباد ۽ سرڪاري ملڪيتون به تباهه ٿي ويون آهن، بلوچستان ۾ مچ اسٽيشن ڀرسان ريلوي پل جو ڪجهه حصو ٽٽي پيو، جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا جو ملڪ جي ٻين علائقن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني لا ريل رستي رابطو ڪٽجي ويو آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب ريلويز واري وزارت ملڪي تاريخ جي بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن کي روزانو 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٽرينون خراب ٿيڻ سان قومي معيشت کي اربين رپيا ڌار نقصان پهتو آهي. ريلوي ترجمان موجب ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ويندڙ 7 اهم ريل گاڏيون ٻيهر منسوخ ڪيون ويون آهن، عوام ايڪسپريس، تيزگام ايڪسپريس ۽ پاڪستان ايڪسپريس اڃا تائين بند آهن. جڏهن ته قراقرم، ڪراچي ۽ جعفر ايڪسپريس به نه هلنديون، ان کانسوا بولان ميل ايڪسپريس ۽ موهن جو دڙو پيسنجر ٽرين به منسوخ ڪئي وئي آهي. ريلوي ترجمان ٻڌايو ته ريلوي پل جي بحالي تائين پشاور ۽ ڪراچي کان ڪوئيٽا ۽ سبي تائين ٽرينن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هنگامي بنيادن تي ڪم اين ايل سي حوالي ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button