سنڌ

سنڌ ۾ وڌيڪ 35 ڄڻا فوت، ٻوڏ متاثرن کي خيما بستيون ٺاهي ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ مسلسل برساتن کان پو آيل ٻوڏ وڌيڪ 35 حياتيون ڳڙڪائي وئي، گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا ۽ 40 کان وڌيڪ ڍور مري ويا آهن. تفصيل موجب سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب جاني نقصان ۾ هر ڏينهن اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. دوداپور جي ڳوٺ سچل ڏاهاڻي ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ عابده، عنايتان، سجاد علي ۽ علي بخش ڏاهاڻي شامل آهن، ٻئي پاسي ڳوٺ جعفر مندراڻي ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب مسمات امدادان زال منظور بروهي دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 2 ڄڻان زخمي ٿي پيا. ڊگهڙي ڀرسان يونين ڪائونسل غلام محمد نوحاڻي جي ڳوٺ ڪنگورو موري تي گهر جي ورانڊي جي ڇت ڪرڻ سبب 8 ورهين جو ٻارڙو آذان پٽ محمد حنيف مڱڻهار دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 13 سالن جو فيضان پٽ حنيف ۽ عشا ڌي حنيف، ڪلثوم زال حنيف، سڀاڳي زال فيض محمد ۽ راڻي زال غلام محمد مڱڻهار زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪلثوم کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، 8 مهينن جي عروج فاطمه کي ڪافي ڳولها بعد هيٺان دٻيل هئي کيس ٻاهر ڪڍيو ويو جيڪا فوت ٿي چڪي هئي. ٻئي طرف ڳوٺ صوفن شاھه ۾ گهر جو ٿنڀ ڪرڻ سبب 79 ورهين جي نوي زال ويلو ڪولهي فوت ٿي وئي. ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ موڙ جهٻڙ شيخ ۾ تيز برسات دوران پورهيت محمد بخش شيخ جي جڳھه ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ سندس 14 سالن جي نياڻي شازيا فوت ٿي وئي ۽ 2 معصوم ٻارڙا 5 سالن جو احمد حسين ۽ غلام مصطفيٰ شيخ زخمي ٿي پيا جن کي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. خانپورمهر جي ڳوٺ احمدآباد گڏاڻي ۾ 5 ورهين جو نينگر سلمان پٽ صدام گڏاڻي گهر ٻاهران برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳوٺ ڪرڙو پٽ ۾ معصوم نينگري حڪيمان ڌي دلبر مارواڙي برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. هوڏانهن ڀرياسٽي جي وارڊ نمبر- 4 ميمڻ پاڙي ۾ برسات دوران جمشيد عرف نويد ميمڻ جي گھر جي ڇت ڌماڪي سان ڪرڻ سبب ٻه عورتون ۽ ٻه معصوم ٻارڙا دٻجي فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. بدنصيب ڪٽنب تازين برساتن دوران ڳوٺ عالي ميمڻ مان لڏپلاڻ ڪري نويد ميمڻ وٽ پناھه ورتي ھئي. سرهاڙي ڀرسان ڳوٺ الله رکيو جمالي ۾ ڪچو گهر ڊهڻ سبب 20 سالن جو لکمير جمالي دٻجي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس 3 گهرڀاتي زخمي ٿي پيا، سندن ڪجهه ٻڪريون به مري ويون. دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ کنڊو مري ۾ گھر جي ڇت ڊهڻ ڪري 35 ورهين جو نوجوان بخش علي سومرو دٻجي فوت ٿي ويو، ڳوٺ مراد کوکر ۾ گھر ڪرڻ سبب 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ احمد خان کوسو ۾ ديوار ڊهڻ ڪري 70 ورھين جو معذور دين محمد کوسو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو، ڪڪڙ شهر جي ببن شاهه ڪالوني ۾ ڪچو گهر ڌماڪي سان ڪري پيو، جنهن ۾ 55 سالن جي بيوه بچائي زال الله داد قمبراڻي موقعي تي دٻجي فوت ٿي وئي ۽ سندس 9 سالن جو پُوٽَو ماجد قمبراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ دادو اسپتال نيو ويو. درگاهه ويڙهل شاهه ڪالوني ۾ گهر جي ديوار ڪري پئي، جنهن ۾ نوجوان گلزار ٻٻر ۽ سندس زال سسئي ٻٻر زخمي ٿي پيا. دادو جي ريلوي تلائن واري علائقي ۾ نواز جمالي جي بيڪري جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن سبب آفتاب جمالي، مهتاب زئور، قاسم لنڊ، عاطف جمالي، بلاول زئور زخمي ٿي پيا. سيتاروڊ جي ڳوٺ الھواريو پليپوٽو ۾ گھر جي ڇت ڌماڪي سان پٽ پئجي وئي، جنھن سبب پورھيت ضمير پليپوٽو دٻجي ويو، گھرڌڻين جي رڙين تي ڳوٺاڻن ملبي ھيٺان دٻيل پورھيت جو مڙهه ٻاهر ڪڍيو. سيٺارجا جي ڳوٺ محمد سومر ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب خان محمد فوت ٿي ويو، جڏهن ته مڙهه دفنائڻ وقت قبرستان ۾ 5 فوٽن کان وڌيڪ پاڻي هجڻ ڪري لاش سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي، سکر جي مائيڪرو ڪالوني ۾ برسات دوران ڇت ڪرڻ سبب ياسين مشوري، صغريٰ، فاطما ۽ داد مشوري زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف قمبر جي ڳوٺ کبڙ ۾ ڪوڙل مگسي جي گهر جي ڇت ڊهڻ سبب ٻه نينگريون 12 سالن جي زينب ۽ 10 سالن جي زويا دٻجي فوت ٿي ويون. ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ کنڊ مارفاڻي ۾ غلام فريد مارفاڻي جي گھر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر علي رضا ۽ سندس ما عزت خاتون سخت زخمي ٿيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڳڙھي ياسين اسپتال آندو ويو، جتي نينگر علي رضا زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. بخشاپور ويجهو آر ڊي 109 ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولي محمد مريٽو ۾ پورھيت خادم مريٽو جي گھر جي ڇت ڊهڻ سبب سندس 2 معصوم ٻارڙا 7 ورھين جو نورالدين ۽ 5 ورھين جي فاطما ملبي ھيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، گھر ڌڻي خادم مريٽو زخمي ٿي پيو. باقراڻي جي ڳوٺ علي آباد ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي نادر جوڳي جو 3 مهينن جو معصوم پٽ سردار علي ملبي هيٺان اچي فوت ٿي ويو، سندس امڙ وزيران جوڳي زخمي ٿي پئي. قبو سعيد خان ڀرسان يوسي بگھو ڌڙو جي ڳوٺ غلام رسول چانڊيو جي رھواسي دوست محمد پٽ عبدالقادر چانڊيو ۽ مھيم احمد پٽ عبدالقادر چانڍيو جيڪي جبل تي مال چارڻ ويا هئا. اتي تيز برسات ۽ طوفان سبب جبل جا پٿر ۽ ڇپون ڪرڻ سبب ڇيپاٽجي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 40 ٻڪريون پڻ مري ويون آهن. ميروخان ويجهو ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ۾ برسات دوران پورهيت غلام نبي مڱريو جي گهر جي ڇت ڊهي پئي، جنهن جي ملبي هيٺان دٻجي 14 سالن جو غلام مصطفيٰ ۽ 4 ورهين جي انيلا مڱريو فوت ٿي ويا، جڏهن ته پورهيت سميت 6 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا. مدئجي ڀرسان ڳوٺ مرزاپور جي جوڳي نگر پاڙي ۾ ڳوٺاڻي حاڪم ميراڻي جي گهر جي ڇت ڪري پئي،. جنهن جي هيٺان عورتن ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا دٻجي ويا. دٻجي ويلن ۾ 40 ورهين جي تعميلان خاتون, 40 ورهين جي مختيار خاتون، 10 ورهين جي صابرا, بيبي, بسما ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي لکي اسپتال پهچايو ويو، جتي تعميلان خاتون زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا ڪيهر ۾ برسات دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 10 ورهين جي نينگري بختاور ڌي فرمان جمالي دٻجي فوت ٿي وئي. ميهڙ جي صرافا بازار ۾ 3 ماڙ بلڊنگ ڪرڻ سبب گهر جي ڪمري ۾ ننڊ ستل ٻارڙي اقرا ڌي مراد شيخ ملبي هيٺان دٻجي وئي. هوڏانهن شير ڪالوني ۾ ڇت ڪرڻ سبب ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ حسنا ملاح، عائشا ملاح ۽ امجد ملاح شامل آھن. مقصودو رند ويجھو ڳوٺ بلاول خان زرداري ۾ پورھيت رميش ڀيل جو گھر ڪرڻ سبب 2 سالن جي ٻارڙي دٻجي فوت ٿي وئي، معصوم نذيران ڀيل گهر اندر ستل ھئي ته ڇت ڪرڻ سبب ڇت ھيٺيان دٻجي فوت ٿي وئي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت برسات سبب متاثر ٿيل لکين ماڻهن جي واهر لا ضلعي سطح تي ڪميٽيون جوڙڻ ۽ خيما ڳوٺ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪور فائيو کان امدادي سامان جي ورهاست ۾ مدد ورتي ويندي، جڏهن ته وڏي وزير گڏيل قومن جي ڪو آرڊينيٽر سان ملاقات ڪري صوبي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جا تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن. خبر موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برساتي ايمرجنسي ۽ رليف بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ضلعي سطح تي ڪميٽيون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر، ڪور 5، انجنيئرنگ ڪور، مڪاني حڪومت، پي ڊي ايم اي ۽ مقامي نمائندا ديهن جي سطح تي رليف، بچاءَ، سروي ۽ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جو ڪم شروع ڪندا ته جيئن برسات متاثر ماڻهن کي مناسب رليف فراهم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ضلعي ڪميٽين جو مقصد متاثر خاندانن تائين پهچڻ ۽ انهن جي شفاف ۽ بهتر طريقي سان مدد ڪرڻ آهي، ضلعي سطح تي جوڙيل ڪميٽيون نه رڳو رليف، ريسڪيو، سروي، بحالي ۽ نقصانن جو تڪڙو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪم ڪنديون پر خيمن، مڇردانين، کاڌي پيتي جي شين، دوائن، مشينري سميت سمورو گهربل سامان خريد ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊي ايم اي 80 هزار خيما ورهايا آهن ۽ وڌيڪ هڪ لک 80 هزار خيمن جو آرڊر ڪيو آهي پر ضلعي سطح تي 10 لک خيمن جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه چيو ته درياهه جي پٽي ۾ رهندڙ ماڻهن پنهنجا گهر خالي ڪري بندن کي لائينون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن پر جڏهن بند وڌيڪ دٻاءُ هيٺ ايندا ته هو مکيه رستن تي اچي ويندا، مون سڄي صوبي جو دورو ڪري اهو ڏٺو آهي ته هزارين ماڻهن مکيه روڊن تي پنهنجا خيما لڳايا آهن. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته يونين ڪائونسل سطح تي خيما ڳوٺ (ٽينٽ سٽي) ٺاهيا ويندا ته جيئن ماڻهن کي هڪ هنڌ منتقل ڪري سگهجي، جنهن سان انتظاميه لاءِ آساني ٿيندي ته کين هڪ ئي جاءِ تي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن پر ماڻهن کي الڳ خيما پڻ فراهم ڪيا ويندا. وڏي وزير چيو ته ڪور فائيو ضلعي انتظاميا کي راشن جا ٿيلها ۽ ٻيو سامان ورهائڻ ۾ به مدد فراهم ڪندي. اجلاس ۾ شهرن ۽ ڳوٺن جي پاڻي جي نيڪال جي مسئلي تي غور ويچار بعد فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي انتظاميا شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڊيزل انجڻ ۽ بجلي استعمال ڪندي، جنهن لاءِ کين هنگامي بنيادن تي ضروري مشينري فراهم ڪئي ويندي. پي ڊي ايم اي اجلاس کي ٻڌايو ته هنن اڳ ۾ ئي واٽر پيوريفائر، پمپنگ مشينون ۽ جنريٽر فراهم ڪيا آهن. وڏي وزير آخر ۾ چيو ته گهر ڊهي وڃڻ، فصل تباهه ٿيڻ ۽ چوپائي مال جي موت جي سروي ڪرائڻ سان حڪومت کي متاثر ماڻهن جي بحاليءَ جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان انساني حقن بابت گڏيل قومن جي ڪوآرڊينيٽر جولين هارنس ملاقات ڪئي. سرڪاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ٻنهي شخصيتن سنڌ ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير تفصيل ٻڌائيندي چيو ته حڪومت وٽ 86 هزار خيما هئا، جڏهن ته هن وقت 10 لک خيمن جي ضرورت آهي، سندس چوڻ هو ته لکين ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. ان موقعي تي گڏيل قومن جي نمائندي سنڌ حڪومت کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button