پاڪستان

پنجاب حڪومت جي جوابي ڪارروائي،راڻا ثنا الله خلاف دهشتگردي ڪيس داخل

پنجاب حڪومت وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. مليل ڄاڻ موجب پنجاب حڪومت گذريل سال اپريل ۽ هلندڙ سال جنوري ۾ عدليا ۽ سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا کي دهشتگردي ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي، اها ايف آ آر هڪ شهري شيخ شيڪاض عالم جي شڪايت تي داخل ڪئي وئي آهي. فريادي موقف اختيار ڪيو ته راڻا ثنا الله اپريل 2021ع ۽ جنوري 2022ع ۾ پنهنجي تقريرن ۾ عدليا کي فرض ادا ڪرڻ کان روڪڻ ۽ پنجاب پوليس جي آفيسرن جي ٻارن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. ايف آ آر ۾ راڻا ثنا جو خانگي ٽي وي چئنل تي ڏنل بيان به شامل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button