پاڪستان

آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين: آرمي چيف

اسلام آباد: پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پنهنجي وطن واسين جي حفاظت ۽ ڀلائي سڀ کان اول آهي ۽ جيستائين ٻوڏ سبب متاثر هر هڪ ماڻهو تائين نٿا پهچون ۽ انهن جي بحالي نه ٿي وڃي تيستائين سک سان نه ويهنداسين، ان جي لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڇو نه ڪرڻيون پون، پاڪستاني عوام اسان جي ترجيح آهي ۽ اسان هن مشڪل وقت ۾ انهن جي مدد لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري بيان موجب اها ڳالهه آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪئي. آرمي چيف ڳوٺ صدوري، لاکڙا، لسٻيله ۾ قائم فلڊ رليف ۽ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ به ويو ۽ ٻوڏ متاثر مقامي ماڻهن جي خيريت دريافت ڪئي. آرمي چيف امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فوجين سان به ملاقات ڪئي ۽ مصيبت ۾ ورتل مردن، عورتن ۽ ٻارن جي خدمت ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته پنهنجي وطن واسين جي حفاظت ۽ ڀلائي سڀ کان اتم آهي ۽ اسان ان وقت تائين آرام سان نه ويهنداسين جيستائين ٻوڏ متاثر هر هڪ ماڻهو تائين نٿا پهچي وڃون پر جيستائين انهن جي بحالي نه ٿي وڃي، چاهي ان جي لاءِ ڪيتري ئي ڪوشش ڇو نه ڪرڻي پوي. هن چيو ته پاڪستاني عوام اسان جي ترجيح آهي ۽ اسان هن مشڪل وقت ۾ انهن جي مدد لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. آرمي چيف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تحفظ، رليف ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ سول انتظاميا جي مدد لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته اسان کي حڪم جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي ضرورتمند ڀائرن ۽ ڀينرن تائين پهچڻ گهرجي ۽ هن قدرتي آفت تي ضابطو آڻڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button