اسلام آبادپاڪستان

عمران جو جج کي ڌمڪي ڏيڻ تي معافي وٺڻ کان انڪار،لفظ واپس وٺڻ لاءِ تيار

اسلام آباد :اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي شوڪاز نوٽيس تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. پنهنجي جواب ۾ عمران خان عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي تي معافي گهرڻ کان پاسو ڪيو پر ڌمڪي وارا لفظ واپس وٺڻ جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته لفظ غير مناسب هئا ته واپس وٺڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته عدالت تقرير جو جائزو وٺي، سڄي زندگي قانون ۽ آئين جي پابندي ڪئي آهي. ججن جا احساس مجروح ڪرڻ تي يقين نٿو رکان. جواب ۾ چيو ويو آهي ته منهنجا ريمارڪس انصاف جي رستي ۾ رنڊڪ نه هئا، نه ئي انهن ريمارڪس جو مقصد عدالتي نظام جي سلامتي ۽ ساک کي گهٽ ڪرڻ هو. سندس موجب 17 آگسٽ جي حڪم کي اڳ ئي پٽيشن ۾ چئلينج ڪيو ويو هو. توهين عدالت ناهي ڪئي، ڊپٽي رجسٽرار ايف نائن پارڪ ۾ تقرير مان ڪجهه لفظن جي چونڊ ڪئي. تقرير جي انهن لفظن کي حقيقتن کان هٽي ڏيکاريو ويو، ميڊيا ۾ ائين رپورٽ ٿيو ڄڻ قانون هٿ ۾ کڻڻ جو ارادو رکان ٿو. عمران خان چيو آهي ته هر شهري جو حق آهي ته اهو ڪنهن به عوامي عهديدار يا جج جي مس ڪنڊڪٽ تي شڪايت ڪري. ايڪشن وٺڻ جي ڳالهه رڳو آئين ۽ قانون موجب ايڪشن وٺڻ بابت هئي. جواب ۾ هن چيو آهي ته جذبات ۾ اچي اهڙا لفظ استعمال ڪيا، جيڪي عدالت کي صحيح نه لڳا. قانون جي عملداري تي يقين رکان ٿو، توهين عدالت جي نيت نه هئي، تنهن ڪري منهنجي اپيل آهي ته توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button