اسلام آبادپاڪستان

غيرمعمولي حالتون آهن،ڀارت کان سبزي درآمد ڪرڻي پئي ته ڪبي:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سبزين جي کوٽ ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ ڀارت سان واپار جي تجويز ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته سبزين جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀارت سان واپار ٿي سگهي ٿو پر ڀارت سان واپار بابت اهو منهنجو ذاتي خيال آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، رڳو رليف لاءِ هڪ ارب ڊالر گهربل آهن، سبزين جي کوٽ جي معاملي تي واپار ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي تجويزون ڏيڻ جو چيو آهي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته غير معمولي حالتون آهن، جيڪڏهن ڀارت کان سبزي درآمد ڪرڻي پئي ته ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته اسان سيلز ٽيڪس اڄ به زيرو رکيو آهي، اڄ مان اگهه وڌايان ٿو ته شوڪت ترين ۽ اسد عمر تنقيد ٿا ڪن، منهنجي پنهنجي پارٽي جا ماڻهو به مون تي تنقيد ٿا ڪن، اسان اپوزيشن ۾ به ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button