اسلام آبادپاڪستان

پاڻي 2 مهينن تائين رهندو،صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪيو. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپي يونين پاران 2 ڏهائي 15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپي يونين جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کان وڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر کي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان جي فوري پهچ ۽ ورڇ شامل آهي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل قومن پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي. ٻئي طرف ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جمهوريه ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان پنهنجي واعدي موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني امداد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي، ان جي قيادت ۾ ترڪيه وڏي پئماني تي امدادي سرگرميون شروع ڪيون آهن. هيستائين 6 اڏامون امداد کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته سڀاڻي وڌيڪ 2 اڏامون پهچنديون، ان کانسواءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرين به انقره مان پاڪستان جي لاءِ رواني ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button