اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول سستو،ڊيزل ۽ گاسليٽ مهانگو ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد : پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي بابت آئل ڪمپنين سفارشون اوگرا کي موڪلي ڇڏيون. آئل ڪمپنين طرفان آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي تيل اگهن ۾ تبديلي جي حوالي سان سفارشون موڪليون ويون آهن. آئل ڪمپنين طرفان موڪليل سمري ۾ ڊيزل ۽ گاسليٽ مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پيٽرول سستو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. آئل ڪمپنين پيٽرول 2 رپيا 98 پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 88 پئسا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 16 رپيا 65 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 12 رپيا 93 پئسا في لٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اوگرا طرفان اهڙي سمري حڪومت کي موڪلي ويندي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي حتمي منظوري وزيراعظم ڏيندو، جنهن کانپوءِ نوان اگهه لاڳو ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button