پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ پراڻ جي پاڻي رهيل ڪالونيون به ٻوڙي ڇڏيون

جهڏو: جهڏو تعلقي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب پراڻ ندي کي لڳل گهاري جي پاڻي اوڀر وارين ڪالونين کي به ٻوڙي ڇڏيو. پراڻ ندي کي 16 بند وٽان لڳل 50 فوٽ گهارو انتظاميا 10 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ڪري سگهي. گهاري جو پاڻي گذريل ڏينهن سامارو روڊ ڪراس ڪري تيزي سان جهڏو جي اوڀر وارين ڪالونين ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، ڪڇي ڪالوني، صغير ڪالوني، عابد ڪالوني ۽ ٻين ڪالونين توڙي علائقن ۾ 4 فوٽ تائين پاڻي بيهجي ويو، گهاري جي پاڻي سبب رهواسي گهر خالي ڪري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. شهر ۾ ايل بي او ڊي، آبپاشي ۽ انتظامي عملدار گهاري جو پاڻي ڪڍڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهن. شهر جي رهيل علائقي کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۽ گهارو بند ڪرڻ لاءِ انتظاميا ڪو قدم نه کنيو، جنهن سبب رهواسي پريشان آهن. هوڏانهن ايم اين اي مير منور ٽالپر کي گهاري جو پاڻي ڪالونين ۾ داخل ٿيڻ جي شڪايت ڪئي وئي ته هن چيو ته پاڻي کي لٺيون هڻون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button