پاڪستانسنڌ

سانگهڙ شهر کي ڏنل بند وٽان پاڻي ۾ گهٽتائي

سانگھڙ: سانگهڙ لڳ سانگھڙ-نوابشاھه روڊ تي 3 ڏينهن اڳ نارا ويلي ڊرين کي يارھين پل وٽان لڳل گھاري کانپو شھر ٻڏڻ جو خطرو هو، انتظامي لاپرواھي بعد پيرپاڳاري جي حڪم تي حر جماعت جي نوجوانن اڳوڻي وفاقي وزير حاجي خدابخش راڄڙ، مراد علي نظاماڻي، دستگير راڄڙ، علي حسن نظاماڻي، ظفر فقير، لطيف خان مري، وقار جٽ ۽ علي جان مري سميت ٻين جي نگراني ۾ سانگهڙ ڏانھن سم جي گھاري جي پاڻي کي وڌڻ کان روڪڻ لا ڪوششون شروع ڪندي شھر ٻاھران بند ٻڌڻ جو ڪم ڪيو، جنهن بعد سانگھڙ ڊرين جي صفائي ۽ کاٽي نه ٿيڻ سبب پاڻي جي وھڪري ۾ رواني نه ھئڻ سبب شھر تي وڌندڙ دٻاءُ بعد نوجوانن سانگھڙ ڊرين جي صفائي ڪئي، جنهن بعد شھر ٻڏڻ جي خطري جي شدت ۾ واضع گھٽتائي اچي وئي، پاڻي جي چاڙھه ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي حر جماعت پاران مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي نوجوان بندن جي نگراني ڪري رهيا آهن. هوڏانهن پيرپاڳاري نوجوانن جي جذبي کي ساراھيندي سندن لا دعا ڪئي. رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي وزير حاجي خدابخش راڄڙ چيو ته انتظامي ۽ حڪمرانن جي نااهلي سبب شھر ٻڏڻ تي ھو، اسان پيرپاڳاري جي حڪم تي ميدان ۾ ھئاسين، حر جماعت جي خليفن ۽ نوجوانن کي جس هجي، جن جي محنت سبب شهر کي بچايو ويو آهي. پاڪ نيوي جي جوانن به ھن ڏکي وقت ۾ سانگھڙ جي عوام جو ڀرپور ساٿ ڏنو. پيرپاڳارو هر وقت جي رپورٽ وٺندو رهندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button