اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ سنڌ ۾ ٻيهر تيز برساتن جِي اڳڪٿي

اسلام آباد:ٻوڏ جهڙي عذاب کي منهن ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ وري تيز برساتن جِي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ملڪ جي ڏاکڻي حصن ۾ ايندڙ مهيني به چوماسي هوائون داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سيپٽمبر مهيني ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. برساتن جو زور جولاءِ ۽ آگسٽ جهڙو نه هوندو. سنڌ جَي ساحلي علائقن تي 14 يا 15 سيپٽمبر کان برساتي سسٽم اثرانداز ٿي سگهي ٿو، 80 سيڪڙو چوماسَي جون برساتون وَسِي چڪيون آهن. مون سون جِي سيزن سيپٽمبر جَي آخري هفتي يا آڪٽوبر جَي شروع واري هفتي تائين جاري رهي سگهي ٿي. ٻئي طرف ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. (اڄ) اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙالي رهندي. جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير ۾ ڪجهه جاين تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي توقع آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙالي رهي. جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب ۾ ڪجهه جاين تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي 40، نور پور ٿل ۽ سبي ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button