اسلام آبادپاڪستان

صوبائي حڪومت فوري اليڪشن ڪرائڻ جي پابند آهي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد :چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته صوبائي حڪومت آئيني، قانوني ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت صوبي ۾ فوري اليڪشن ڪرائڻ جي پابند آهي. چيف سيڪريٽري صوبائي حڪومت کي اليڪشن ڪميشن طرفان پابند ڪري ته صوبي ۾ فوري مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن جو لوڪل گورنمينٽ چونڊ پنجاب جي اهتمام جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن سميت سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، پنجاب جو چيف سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن ۽ پنجاب حڪومت جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪميشن کي بريف ڪيو ته صوبائي گورنمينٽ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2022 جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي تجويزن لاءِ اماڻيونديون جنهن تي اليڪشن ڪميشن پنهنجون تجويزون ڏنيون هيون جنهن تي صوبائي حڪومت ميٽنگ جي درخواست ڪئي ته جيئن اليڪشن ڪميشن تجويزن تي غور ڪيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري تي واضح ڪيو ته صوبائي حڪومت آئيني، قانوني ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت صوبي ۾ فوري اليڪشن ڪرائڻ جي پابند آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button