پاڪستان

جبلن تي ڊئم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، تڪڙا قدم کنيا وڃن:صدر عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جابلو چوٽين تي ڊئم ٺاهڻ لا تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر علوي ڊيرا غازي خان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪري ٽي ڊي سي پي عمارت اندر قائم ڪيل رليف ڪئمپ ۾ متاثر ماڻهن سان ملاقات به ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته مستقبل ۾ برساتي ندين جي پاڻي ۽ ٻوڏ کان بچڻ لا جبلن تي ڊئم ٺاهڻ لا قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي مقامي عملدارن صدر مملڪت کي ٻوڏ متاثرن کي فراهم ڪيل سهولتن بابت بريفنگ ڏني. صدر علوي ٻوڏ متاثرن کي يقين ڏياريو ته حڪومت مصيبت جي هن گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي ۽ متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري لا سمورا سرڪاري وسيلا ڪتب آندا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button